شيطان- ستان

شيطان- ستان

شيطان ستان

شيطان- ستان (ماڳ): هي يادگار تعلقي ڪوٽڏيجي، ضلعي خيرپور ۾ حضرت سلطان اڌم عرف سلطان بادشاهه جي مقبري جي ڀرسان 200 فوٽ جي اوچائي تي تقريباً 500 چورس فٽن جي هڪ ٽڪريءَ تي آهي. هن جاءِ تي نصب ٿيل هڪ علم کانسواءِ ڪابه عمارت تعمير ٿيل ڪونهي. روايت مطابق چيو وڃي ٿو ته هڪ ڏينهن درويش سلطان اڌم هن جاءِ تي عبادت ۽ رياضت ۾ مشغول هو ته اوچتو سندس والد جي روپ ۾ هڪ شخص نمودار ٿيو ۽ کيس عبادت کان روڪيندي پنهنجي ملڪ واپس وڃڻ لاءِ زور ڀرڻ لڳو ۽ دين جي پرچار کان سختي سان منع ڪرڻ لڳو، تڏهن هن الله جي حڪم سان اڌ انسان جي روپ ۾ لڪل شيطان کي سڃاڻي ورتو ۽ کيس غائب ٿي وڃڻ تائين پٿرن سان وار ڪيائين. تڏهن کان هن جاءِ تي شيطان- ستان نالو پيو ۽ اڄ تائين درگاهه سلطان اڌم تي زيارت لاءِ ايندڙ زائرين هن ورن وڪڙن واري پر خطرناڪ ٽڪريءَ تي چڙهي شيطان کي پٿر هڻڻ واري رسم/ روايت ورجائيندا آهن، جنهن سبب هتي پٿرن جو هڪ انبار جمع ٿي ويو آهي. خود هن ادهم سلطان جي اصل نالي واري بزرگ (ادهم سلطان) سان نسبت روايتي آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو